ڄام شورو:
سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد پاران ڄام شوري ۾ المنظر تي سنڌو درياهه اندر ٻيڙين تي مزاحمتي مشاعرو. درياهه کي گلن ۽ گيتن جي ڀيٽا. راڳين گيت ڳايا. سنڌو درياهه جي بچاء ۽ تحفظ واري ويڙهه ۾ سنڌ جا شاعر به هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا. درياهه سنڌ جي زندگي ۽ ازلي سچ آهي، جنھن کي ڪوبه کسي نٿو سگهي. مشاعري کي خطاب ڪندي آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي صدر ڊاڪٽر سميجي چيو ته سنڌ جا شاعر ۽ آرٽسٽ سنڌ جي سياسي، عوامي، مذهبي ڌرين توڙي وڪيلن ۽ ٻين پيشيور ماڻهن سان درياهه کي بچائڻ جي تحريڪ ۾ هر وک تي گڏ آهن. درياهه ڌرتين جا زيور هوندا آهن، جيڪي قوتون سنڌ جي سرزمين کان ڪئنالن جي نالي ۾ درياهه کسڻ چاهن ٿيون، سي سنڌ کان سرسبزي ۽ شادابي کسڻ چاهن ٿيون ۽ سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ ڪرڻ جو منصوبو کڻي آيون آهن، جن کي سنڌ جا تخليقڪار مڪمل طور رد ڪن ٿا. اڄوڪو مشاعرو سنڌ جي تخليقڪار جو ڪئنالن جي معاملي تي ووٽ آف ڊيسينٽ آهي. ان موقعي تي نامور شاعر علي دوست عاجز صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا شاعر پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان گڏ بيٺا آهن. انهن کي ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته درياهه جي کسجڻ سان سنڌ جي خوشحالي ۽ خوشي کسجي ويندي، جنھن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي سنڌ جي نامور شاعر بخشڻ مهراڻوي،علي آڪاش، مير حسن آريسر، خليل ڪنڀار، جلال ڪوري،اسحاق سميجي،علي دوست عاجز، عزيز گوپانگ، ياسر قاضي، اردو شاعر محسن سليم، قاضي منظر حيات، علي زاهد، ساجد سنڌي، زاهده ابڙو،رياضت ٻرڙو، عباس کوسي، حسن مجتبٰی، رحمت ڪنول ۽ ٻين درياهه کي ڀيٽا سان گڏ سنڌوءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف مزاحمتي نظم پڙهيا. ان کان اڳ شاعرن، اداڪارن، راڳين ۽ فن جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن ناز سهتي، ڊاڪٽر فياض لطيف، منظور دانش، خادم سخيراڻي، شهباز بلوچ، ڊاڪٽر احسان دانش، سڪندر بڙدي، انور منصور، منصور سيتائي، خالد ڪليار، سليم گڊو، بينظير جوڻيجو، سنڌو درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ٻيڙين کي مختلف نعرن جي بينرن سان سجايو ويو هو. جڏهن ته مشاعري ۾ خادم سخيراڻي، سڪندر بڙدي، راحت بڙدي ۽ ٻين گيت ڳائي درياهه جي هميشه وهندي رهڻ جي دعا ڪئي.