اسان بابت

آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد

آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد، سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد  جي آرٽسٽن، راڳين، اداڪارن، ليکڪن، دانشورن ۽ فنون لطيفه جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل آرٽسٽن جو هڪ آزاد، مضبوط ۽ معياري فورم آهي، جنهن جو مقصد حيدرآباد ڊويزن سان لاڳاپيل آرٽسٽن جي واهر ۽ مڃتا سان گڏ حيدرآباد کي آرٽ ۽ ثقافت جو مرڪز ٺاهڻ آهي. هن فورم جو بنياد 2023ع جي ابتدا ۾ وڌو ويو، جنهن جي رجسٽريشن 2 جون 2023ع تي سوسائٽيز ائڪٽ تحت ڪرائي وئي. هن اداري جي باني ميمبرن ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو، جامي چانڊيو، نصير مرزا، ڀائي خان شر، علي عباس، سيف سميجو، علي دوست عاجز، ناز سهتو، سيد زوار نقوي، عرفان قريشي، مرزا سليم بيگ، منظور ميراڻي، ڊاڪٽر نويده ڪٽپر، رفيق عيساڻي، خالد عمران، وسيم خان  ۽ پشپا ڪماري شامل آهن. 
آرٽس ڪائونسل جي گورننگ باڊيءَ ۾ ڪل 17 ميمبر آهن، جن مان 7 عهديدار  ۽ 10 گورننگ باڊيءَ جا ميمبر سڏجن ٿا، جن ۾ نامور اديب، راڳي، مصور، تعليمدان، دانشور ۽ ڊرامي جي دنيا سان وابسته جڳ مشهور ماڻهو آهن، ڪائونسل جي ٻن عهديدارن محترم نصير مرزا (جنرل سيڪريٽري) ۽ محترم علي دوست عاجز (فنانس سيڪريٽري) کي علمي ادبي خدمتن  عيوض 2023ع جو صدارتي ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي. آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي گورننگ باڊي توڙي ميمبرن ۾ سنڌي، اردو، سرائڪي توڙي پشتو ڳالهائيندڙ اديب توڙي آرٽسٽ پڻ شامل آهن. ان ريت هيءَ آرٽس ڪائونسل ڪنهن به ٻوليءَ، نسل، مذهب جي فرق کان سواءِ آرٽسٽن جو هڪ گڏيل ۽ روشن خيال ادارو آهي. 
آرٽس ڪائونسل پاران مختلف شعبن لاءِ مختلف ڪميٽيون جهڙوڪ ٿيٽر ۽ ڊراما ڪميٽي، ميوزڪ ڪميٽي، ۽ ميڊيا ڪميٽي پڻ ٺاهيل آهي، جن ۾ علم ادب ۽ آرٽ جي دنيا جون نامور شخصيتون شامل آهن.
آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي هڪ مستقل سيريز ”هيروز آف حيدرآباد سيريز“ آهي، جنهن تحت حيدرآباد سان لاڳاپيل نامور شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سيمينار، ليڪچر ۽ آنلائن سيشن وغيره ڪرايا ويندا آهن.
آرٽس ڪائونسل 2023ع ۾ ثقافت کاتي جي اداري سنڌ ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽس ڄام شوري (سمپا)  پاران هلندڙ موسيقيءَ جو ٽن مهينن جي سکيا وارو سرٽيفڪيٽ ڪورس پڻ ڪرائي چڪي آهي.