آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد پاران سمپا جي سھڪار سان ڪرايل ٽن مهينن وارو موسيقيءَ جي سکيا وارو ڪورس ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب ٿي گذري، جنھن جي صدارت آرٽس ڪائونسل جي صدر ڊاڪٽر اسحاق سميجي ڪئي. جڏهن ته ناز سهتو، علي دوست عاجز ۽ سکيا ڪورس جو استاد خادم سخيراڻي تقريب جا خاص مهمان هيا. تقريب جي ڪارروائي سکيا ڪار ۽ آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽري نصير مرزا هلائي. تقريب ۾ نامور شخصيتن عزيز گوپانگ، نامور راڳي برڪت فقير، عزيز ڪنگراڻي، ادريس جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد پاران موسيقيءَ جي ٽن مهينن وارو ڪورس مڪمل ڪندڙ 50 نوجوان راڳين ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ رکندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ اقرار وحيد علي، محبت علي، علي رضا، حيدرآباد جو مشهور قوال جوڙو نوشي برادرس، سعادت لاکير، اظهر حسين، همايون اسلم، گووند، نبيل بابر، ايني ريشم، سائرہ ابڙو، شيشل، بابر مسيح، مهروز، ڀاڳچند ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي شاگردن سکيا بابت پنھنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ مختلف گيت ڳائي، تقريريب کي رونق بخشي.