نامور اردو شاعر حمايت علي شاعر جي علمي ادبي خدمتن بابت سيمينار


نامور اردو شاعر حمايت علي شاعر جي علمي ادبي خدمتن بابت سيمينار
آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد پاران  3 نومبر 2023ع تي ”هيروز آف حيدرآباد سيريز“ جو ٻيو سيمينار حيدرآباد سان واسطو رکندڙ نامور اردو شاعر حمايت علي شاعر جي علمي ادبي خدمتن بابت ٿي گذريو، جنهن ۾ رضوان صديقي، ڊاڪٽر قاضي خادم، اوج ڪمال، آرٽس ڪائونسل جي صدر ڊاڪٽر اسحاق سميجي، نصير مرزا، تاج جويي، مرزا سليم بيگ، شفيق الرحمان، ملڪ يوسف جمال، يعقوب رشيد ۽ ٻين سندس شخصيت، شاعري، فلمي گيتن ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي. مهمانن کي ڀليڪار بيسنت هال جي انچارج صوبيه شيخ چيو. نامور سڄاڻ شخصيت مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجو آڊيو پيغام موڪليو، جنهن ۾ هن حيدرآباد شهر جي شخصيتن ۽ حمايت علي شاعر بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. جڏهن ته وقار احمد وقار حمايت علي شاعر جي منظوم آتم ڪهاڻي “آئينه سر آئينه“ مان چونڊ ٽڪرا بيحد سُر سان پڙهي ٻڌايا، الد عمران ۽ سدره شيخ سندس مشهور فلمي گيت ”نه چهڙا سڪو گي دامن“ تي پرفارمنس ڪئي. جڏهن ته پروفيسر تنوير صديقي سندس شاعري ڳائي ٻڌائي. پروگرام جي ڪمپيئرنگ غني انصاريءَ ڪئي.  اي ايف ٽي جي سهڪار سان بيسنت هال حيدرآباد ۾ ٿيل هن يادگار پروگرام ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي ڪيترين ئي نامور شخصيتن، عالمن اديبن، فنڪارن شرڪت ڪئي، جن ۾ اڪبر لغاري، عتيق جيلاني، ناز سهتو، نياز پنهور، نفيس احمد ناشاد، علي دوست عاجز، منصور قادر جوڻيجو، عزيز گوپانگ، سليم چنو، محسن سليم، واحد ڪانڌڙو، روشن سندر چانڊيو، اسرار لغاري، رفيق عيساڻي، عقيل قريشي، نديم خانزادو، وسيم خان، نجم جوڻيجو ۽ ٻيا شامل هيا.